گهوٽڪي ۾ نيو اسٽار اليون ريسنگ اسٽار کي شڪست ڏئي ڇڏي

0
362

گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ۾ ڪرڪيٽ ميچ ۾ نيو اسٽار اليون ريسنگ اسٽار کي شڪست ڏئي ڇڏي. ان ڏس ۾ ٽانوري پلاٽ ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيو اسٽار پهريان کيڏندي مقرر 10 اوورن ۾ 167 رنز جو هدف ڏنو، شفقت ڪولاچي 32، وقار گهوٽو 31 ۽ عمران گبول 24 رنز ٺاهي نمايان رهيا. جواب ۾ ريسنگ اسٽار جا رانديگر بالرن آڏو بيوس ٿي ويا ۽ سموري ٽيم 137 رنز تي ڍير ٿي وئي. نيو اسٽار طرفان الطاف ڪولاچي بهترين بالنگ ڪئي، جنهن تي کيس انعام سان نوازيو ويو.