ڪيترن ئي ماڻهن وٽ هزارين ڪيسٽون سانڍي رکيل

0
458

چڪ: ڪيسٽ ۽ سي ڊيز شوقين پاران ناياب گيت ٻڌڻ وارو رجحان برقرار آهي ۽ ڪيترائي ماڻهو آڊيو ڪيسٽون سنڀالي ويٺل آهن، چڪ شهر واسي راڳ بابت سٺي ڄاڻ رکندڙ حسين بخش مهر وٽ پراڻي زماني جي مختلف ڪيسٽي فنڪارن جون هزارن جي لڳ ڀڳ ڪيسٽون ۽ سي ڊيز سانڍي رکيل آهن. نوشهروفيروز واسي عزيز احمد مستوئي وٽ 1200 آڊيو ڪيسٽون محفوظ آهن. شڪارپور جي انور جمالي وٽ منظور سخيراڻي، سکر واسي آصف هڪڙي وٽ سرمد سنڌي جون سڀ ۽ خيرپور ضلعي جي ڳوٺ ڀيلار واسي علي ڀيلار وٽ صرف فوزيا سومري جون 150 ڪيسٽون سنڀالي رکيل آهن. سندن چوڻ آهي ته ڪيسٽون ماضيءَ جو قصو ضرور ٿيون آهن پر پنهنجي شوق خاطر ڪيسٽون سنڀالي رکيون آهن.