سرفراز احمد ۽ ٻين رانديگرن کي ابوظهبي پهچائڻ جو نئون منصوبو تيار

0
212

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) پاڪستنا سپر ليگ(پي ايس ايل) لاءِ سرفراز احمد ۽ ٻين رانديگرن کي ابوظهبي پهچائڻ لاءِ نئون منصوبو تيار ڪري ورتو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورد جو چوڻ آهي ته هاڻ انهن رانديگرن کي بحرين رستي دبئي پهچايو ويندو، جتان کين پاڪستان سپر ليگ سڪس جي رهيل ميچز ۾ شرڪت يقيني بڻجي سگهندي. پي سي بي موجب ابوظهبي اسپورٽس ڪائونسل جي جواب جو انتظار آهي، سرفراز احمد سميت ٻيا 12 رانديگر ڪليئرنس ملڻ تي ابوظهبي روانا ٿي ويندا. واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ سڪس جون رهيل ميچ ابوظهبي ۾ ٿي رهيون آهن، ان حوالي سان يو اي اي اختيارين جي سخت شرطن سبب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي رانديگر ابوظهبي پهچائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.