گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي جي رحموالي محلي جي رهواسي شاهنواز شاهه بي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته پٽ وڪيل آفتاب شاهه جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار صدام مگسي، غلام مصطفيٰ مگسي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ حسين ٻيلي روڊ تي هٿيار ٿاڻي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، پوليس موجب شاهنواز شاهه کي ڪيس تان هٿ کڻڻ جون ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن جي گرفتاري پوليس ڇاپا هڻي رهيا آهيون.