اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪڊني هلز ريفرنس ڪيس ۾ سينيٽ جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر سليم مانڊوي والا ۽ ٻين خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ واري ڪارروائي 14 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ڪالهه عدالت ۾ سليم مانڊوي والا ذاتي حيثيت ۾ پنهنجي وڪيل سان گڏ پيش ٿيو، جڏهن ته ٻين جوابدارن نديم مانڊوي والا ۽ اعجاز هارون طرفان حاضري کان ڇوٽ واري درخواست ڏني وئي، جنهن تي جج چيو ته اڄ سمورن جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻو هو، ان ڏينهن حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، جوابدارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار ڪورونا ويڪسين لڳائڻ واري مامري سبب پيش نه ٿي سگهيا آهن ان ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي، جنهن کانپوءِ عدالت جوابدارن جي وڪيلن جي درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 14 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.