مٺياڻي (ن پ ا) مٺياڻي ويجهو ڳوٺ ساوڻ خان چانڊيو جو رهواسي واسي 22 ورهين جو گلاب علي چانڊيو جيڪو 2 مهينا اڳ مٺياڻي کان ڳوٺ وڃي رهيو هو ته تيز رفتار موٽر سائيڪل جي ٽڪر ۾ سخت زخمي ٿي پيو هو، جنهن جو علاج حيدرآباد ۽ نوابشاهه جي اسپتالن مان ڪرايو ويو پر مسلسل ٻن مهينن تائين بيهوش رهڻ بعد نوابشاهه جي اسپتال ۾ نوجوان دم ڏئي ڇڏيو، نوجوان جي فوتگي جي اطلاع تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.