گهوٽڪي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن  جي چر پر روڪڻ لاءِ پوليس پڪٽن جي اڏاوتن ۾ تيزي، گهوٽڪي جي ڪچي ۾ مني پوليس لائين ٺاهڻ جو فيصلو،  ان ڏس ۾سنڌ پوليس طرفان ڪراچي جي صحافين کي گهوٽڪي جي ڪچي جو دورو ڪرائي پوليس بيس ڪيمپون ۽ بچاءُ بند تي تعمير ٿيندڙ پوليس پڪٽون ڏيکاريون ويون، جڏهن ته پوليس آپريشن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان ڏس ۾ سکر جي ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو جو چوڻ هو ته  ڪچي ۾ آپريشن دوران پوليس کي ڪجهه مشڪلاتون اچي رهيون آهن، ڪچي ۾ وڻ گهاٽا آهن، پوليس هڪ طرف وڃي رهي آهي ته ڌاڙيلن ٻيڙي ذريعي ٻئي پاسي وڃي رهيا آهن، ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار پڻ آهن. هن چيو ته راوئتي، ٻيلو ميرپور ۽ آندل سندراڻي ٿاڻن جي حدن ۾ 140 مان 60 پوليس پڪٽون ٺاهيون ويون آهن، هن چيو ته ڪچي ۾ راڻو شر گينگ، چاندي شر گينگ ۽ پرويز جاگيراڻي جا ٽولا آھن. ھن چيو ته بارڊر تي پنجاب جي حدن ۾ به ڏوهارين جا ٿاڪ آهن، سنڌ پوليس پنجاب جي حدن ۾ ڌاڙيلن جي چرپر روڪڻ لاءِ پوليس پڪٽون قائم ڪري هڪ سو اهلڪار مقرر ڪيا آهن. هن چيو ته هن وقت تائين 65 يرغمالي بازياب ڪرايا آهن، 37 ڌاڙيل ماريا ۽ 11 زخمي ڪيا آهن، جڏهن ته 85 سهولتڪار ۽ ۽ 100 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڌاڙيلن جي سهولت ڪاري ڪندڙ ٻن عورتن کي منشيات سميت چالان ڪيو آهي، هن چيو ته هني ٽريپ ( هرکائڻ ) ذريعي اغوا جا واقعا گهٽجي ويا، هن وٽ گهوٽڪي ضلعي ۾ ڪو به اغوا ٿيل ناهي. هن چيو ته پوليس پڪٽن جي تعمير سان ڪچو سيل ٿي ويندو، جڏهن ته ڏوهه گهٽجي ويندا. ڌاڙيل سي پيڪ روڊ ( موٽر وي)  تي اچي نه سگهندا، هن چيو ته پوليس پڪٽن پوسٽن جي بهتر نموني اڏاوت ڪئي پئي وڃي، راڪيٽ لانچر پوليس پڪٽن کي اثر نه ڪندو، هن چيو ته ڪچي ۾ پاڻي اچڻ بعد به پوليس ڪچي ۾ موجود رهندي، پوليس جي اچ وڃ لاءِ ٻيڙيون استعمال ڪيون وينديون. هنن چيو ته فون لانڊي چيڪ پوسٽ تي پوليس لائين ٺاهي پئي وڃي، ڊي ايس پي جي آفيس به ٺهندي، مني پوليس لائين ٺهڻ بعد پوليس ريسپانس فوري ڏئي سگهبو. هن چيو ته 2ڪروڙن کان وڌيڪ جي ماليت جا هٿيار خريد ڪيا پيا وڃن، اسان کي رات جو ڏسڻ لاءِ دوربينن جي ضرورت آهي، دوربينن جي خريداري پراسيس ۾ آهي.