لنڊن(م ڊ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته بئنچ فڪسنگ ڪري آئين کي ري رائيٽ ڪيو ويو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عدليا نظريه ضرورت ايجاد ڪيو، ڊڪٽيٽرن جي آجيان ڪئي، آمريت کي قانوني جواز فراهم ڪيو، لاڏلي کي صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ ڏنو، جڏهن ته چونڊيل وزيراعظمن کي ڦاهي ڏني. ڪوڙن ڪيسن ۾ جيلن ۾ وڌو ويو، پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي تاحيات نااهل ڪيو ويو ۽ هاڻ بئنچ فڪسنگ ڪري آئين کي ري رائيٽ ڪيو. سندس چوڻ هو اها بدقسمتي آهي ته اسان جو انصاف جو نظام دنيا ۾ 140 مان 129 نمبر تي آهي پر اسان جا ڪجهه معزز جج صاحب ضد ڪري رهيا آهن ته اسان کي هر صورت ۾ 140هين نمبر تي پهچڻو آهي.