گهوٽڪي: پوليس ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف جاري آپريشن ۾ ڏوهارين وٽان هٿ ڪيل خطرناڪ هٿيار سندن ئي خلاف استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنا،رائونتي جي ڪچي ۾ صحافين جي دوري وقت پوليس پڪٽ ۾ اينٽي ايئرڪرافٽ گن فٽ ٿيل نظر آئي، صحافين جي سوال تي ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي ٻڌايو ته پوليس کي گهربل هٿيار نه ملي سگهيا آهن، هن وقت  اسان ڏوهارين وٽان هٿ ڪيل هٿيار سندن خلاف استعمال ڪريون پيا.