گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ جي غريب آباد پاڙي ۾ گھرو معاملي تان مبينا طور زال عابده خاتون تشدد ڪري مڙس ممتاز مغل جو مٿو ڦاڙي وڌو، همراهه کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته گمبٽ ٿاڻي تي زال مڙس پاران هڪٻئي تي اين سي داخل ڪري ڇڏي آهي، ان موقعي تي استاد ممتاز مغل ٻڌايو ته زال عابده خاتون ڀائرن سان گڏجي گھرو معاملي تان ڏنڊو هڻي مٿو ڦاڙي ڇڏيو آهي، هن چيو ته گھر واري اڳ به تشدد ڪندي رهندي هئي پر هن ڀيري گھرواري ڀائرن سان گڏجي سموريون حد ڪراس ڪيون آهن، جن خلاف ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي، هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته گھرو معاملي تان زال مڙس ۾ جھيڙو ٿيو آهي، جن هڪٻئي خلاف اين سي داخل ڪرائي آهي.