لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ 50 سال ۽ ان کان مٿي جي عمر وارن قيدين کي ڪورونا کان بچاءَ جي ويڪسين لڳائي وئي، ان موقعي تي سپريٽينڊنٽ جيل شهاب الدين صديقي ٻڌايو ته سينٽرل جيل ۾ٽوٽل 196قيدي آهن، جيڪي پيرسن آهن جن مان 40 قيدين کي ڪرونا کان بچاءَ جو  پهريون ڊوز ڏنو ويو، هن چيو ته اڪثر قيدين جا سڃاڻپ ڪارڊ ناهن ٺهيل، جهن ڪري کين ويڪسن لڳائڻ واري مرحلي ۾ رڪاوٽ اچي رهي آهي، جن جا ڪارڊ ناهن ٺھيل انهن جا ڪارڊ جلد نادرا مان ٺھرائي کين رجسٽرڊ ڪرائي ويڪسين لڳرائي ويندي.