مرزاپور (ن پ ا) دل ۽ جوڻيجا ڌرين ۾ تڪرار جو رٿيل فيصلو ملتوي، ذريعن جو چوڻ آهي ته جوڻيجا برادري پاران ٺاهه کان انڪار ڪرڻ سبب فيصلو ملتوي ڪيو ويو آهي. خبر موجب مٺل جوڻيجو ۽ حافظ امان الله دل وارين ڌرين ۾ 11 اپريل تي رٿيل فيصل ملتوي ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ جي يو آءِ عهديدار رشد الله شاھ امروٽي صحافين کي ٻڌايو ته پ پ ايم اين اي خورشيد جوڻيجو جي ذاتي مصروفيتن سبب ڌرين ۾ 11 اپريل تي رٿيل فيصلو ملتوي ڪيو ويو آهي، هن ٻڌايو ته ڌرين سان رابطي ۾ آهيان، جلد ئي فيصلي جي تاريخ مقرر ڪري ڌرين ۾ سرچاءُ ڪرايو ويندو. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته جوڻيجا برادري طرفان ٺاهه کان انڪار ڪرڻ سبب فيصلو ملتوي ڪيو ويو آهي. هوڏانهن فيصلو ملتوي ٿيڻ ڪري هڪ دفعو ٻيهر ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن ۽ علائقي ۾ خونريزي جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.