گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ڀر سان قومي شاهراهه تي ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ عورت فوت ٿي وئي،2 ڄڻا زخمي. ان سلسلي ۾ گمبٽ پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گمبٽ لڳ قومي شاهراهه تي ڪينجھر بينڪئٽ وٽ تيز رفتار ٽرالر جو موٽرسائيڪل کي زوردار ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ آمنا ميتلو فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس والد خورشيد ۽ ماءُ مسمات حسينا ميتلو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي واٽهڙن ۽ موٽروي پوليس کڻائي گمس اسپتال پهچايو. فوتي ناريءَ جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. واقعي بعد ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.