لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ دوائن جي کوٽ جو صحت کاتي نوٽيس ورتو. ڊي ايچ او اطھر شاهه ۽ ڊرگ انسپڪٽر صاحب خان ميراڻي شيخ محلا، ميڊيڪوز دڪانن حبيب الله ميڊيڪل اسٽور، عبدالحئي ميڊيڪوز، بلاول ميڊيڪوز، المنصور ميڊيڪوز سميت پرنس ميڊيڪل اسٽور تي ڇاپا هڻي 2 لک رپين جون پيناڊول گوريون ضبط ڪندي شڪي دوائن جا سيمپل هٿ ڪري چڪاس لاءِ ليبارٽري اماڻي ڇڏيا آهن.  ان موقعي تي ڊرگ انسپيڪٽر ٻڌايو ته ڇاپا هڻي 2 لک ماليت جون پيناڊول ضبط ڪري 8 ٻين دوائو جا سيمپل هٿ ڪري ليبارٽري اماڻيا ويندا ۽ انهن جو معيار جاچڻ لاءِ پروانشنل ڪوالٽي ڪنٽرول بورڊ وارن کي لکيو ويندو.