ڪراچي (نمائندن وٽا) قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پڳدار پٽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 26 هين ورسي عقيدت ۽ احترام سان نئون ديرو ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ملهائي وئي. نئون ديرو هائوس ۽ پ پ شهيد ڀٽو پاران ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ڌار ڌار قرآن خواني جون تقريبون رکيون ويون. پ پ شهيد ڀٽو پاران ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزار جي احاطي ۾ قرآن خواني ڪرائي وئي.اڳواڻن گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي جنهن بعد نئون ديرو ۾ لنگر تقسيم ڪيو ويو. نئون ديرو هائوس ۾ قرآن خواني جي تقريب منعقد ڪئي وئي.قمبر ۾پ پ شھيد ڀٽو ڪارڪنن شھيد ميرمرتضيٰ جي 26 ورسي جي سلسلي ۾ پريس ڪلب اڳيان تقريب ڪوٺائي، شھيد جي تصوير رکي گل نڇاور ڪري ڀيٽا ڏني وئي.جيڪب آباد ۾ مير مرتضي ڀٽو جي 26هين ورسي ضلع آفيس شھيد ڀٽو هائوس تي ملهائي وئي.ٺل ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 26هين ورسي ڪٽوهر هائوس تي سيد عبدالقدوس شاهه جي صدارت ۾ ٿي گذري،جنهن ۾ قرآن خواني ڪري دعا گهري وئي. پارٽي چيئرمين شھيد مير مرتضي ڀٽو سميت ساڻس گڏ شھيد ٿيندڙ  اڳواڻن شھيد يار محمد بلوچ، وجاھت جوکيو، عاشق حسين جتوئي، رحيم بروھي، سجاد حيدر گھاگرو، ستار راجپر جي 26ھين ورسي تقريب ليبر اسڪوائر ملير ۾ منعقد ڪئي وئي.حيدرآباد ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي چيئرمين مير مرتضي ڀٽو جي 26 هين ورسي  پريس ڪلب ۾ ملهائي وئي ورسي تقريب کي ناليواري وڪيل ماما يوسف لغاري خطاب ڪندي چيو ته معاشرو انقلابي ماڻهن کي هميشه وساري ڇڏيندو آهي. ان موقعي تي حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر لالا رحمان سمون ،فياض ميمڻ،ستار ڀٽي،ايڊوڪيٽ قاسم جلالي ۽  ٻين پڻ خطاب ڪيو.ڳاڙهو  پ پ شهيد ڀٽو جي مرڪزي اڳواڻ چاندي خان بروهي، ضلعي اڳواڻ مقبول شاھ، بابو احسان ڀٽو، شھيد مير مرتضي ڀٽو جو ساٿي حاجي عبدالحميد سومرو، ميھار خاصخيلي، عبدالصمد سمون، جمن سمون، دلدار احمد شيخ، عمر سنگھار، موسي سنگھار، محمد علي سنگھار، عبدالستار سمون، علي حسن پيروزاڻي، جمن پيرواني ۽ ٻين ورسي تقريب منعقد ڪئي.