گلگت بلتستان جو وڏو وزير ڪابينا جي اهم ميمبرن سميت نظربند

0
191
گلگت بلتستان جو وڏو وزير ڪابينا جي اهم ميمبرن سميت نظربند
گلگت بلتستان جو وڏو وزير ڪابينا جي اهم ميمبرن سميت نظربند

اسلام آباد: گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد کي جي بي هائوس ۾ نظربند ڪيو ويو آهي

ذريعن موجب گلگت بلتستان جي وڏي وزير کي امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي جي بي هائوس ۾ نظربند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جي بي هائوس ٻاهران رينجرز ۽ پوليس جي وڏي نفري پڻ مقرر ڪئي وئي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد جي چرپر تي پابندي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته گهرو وزير شمس لون، قانون وارو وزير سهيل عباس ۽ ٻيا ڪابينا ميمبر به وڏي وزير سان گڏ آهن

هي به پڙهندا

عمران خان جي گرفتاري: پي ٽي آءِ جي پرتشدد مظاهرن بعد مرڪزي قيادت گرفتار