احتجاج جي نالي ۾ ٿيندڙ وڳوڙ

0
33
سنڌ خيرَ جي خبر لاءِ سِڪي وئي آهي!

القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ گرفتار تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي ڪالهه احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت 8 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي کيس 17 مئي تي ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي گرفتاريءَ کان پوءِ ڪالهه ٻئي ڏينهن به سڄي ملڪ ۾ احتجاج جي نالي تي وڳوڙ جاري آهن، روڊ بلاڪ ڪرڻ، ڀڃ ڊاهه، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ، پوليس تي حملا ٿي رهيا آهن. پنجاب ۾ وڏو نقصان ڪيو ويو آهي. پشاور ۾ ريڊيو اسٽيشن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري باهه ڏني وئي آهي، جنهن ڪري ساز و سامان ۽ رڪارڊ سڙي ويو آهي. وڳوڙن ۾ ايڌي ايمبولينس، پوليس ۽ سرڪاري ادارن جون گاڏيون ساڙيون ويون آهن. عمارتن کي باهيون ڏنيون ويون آهن. پوليس لائينز اسلام آباد ٻاهران چڪرين ۾ اي سي پوٺوهار جي زخمي ٿيڻ جون پڻ خبرون آهن. پوليس نقصِ امن جي خدشي سبب پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر کي گرفتار ڪري ورتو آهي. امن امان جي سنگين حالتن جي ڪري پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ آئين جي آرٽيڪل 245 تحت فوج کي طلب ڪيو ويو آهي. فوج ضلعي انتظاميا جي معاونت ڪندي. سنڌ ۾ به ڀڃ ڊاهه ۽ باهين ڏيڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن. مختلف گاڏين، پوليس ۽ رينجرز جي چوڪين کي باهيون ڏنيون ويون آهن. سنڌ حڪومت قلم 144 لاڳو ڪري احتجاج ۽ ريلين تي پابندي هڻي ڇڏي آهي.

عمران خان جي گرفتاريءَ کان پوءِ ملڪ وڳوڙن جي ور چڙهي ويو آهي. پي ٽي آءِ قيادت احتجاج جو ڪال ڏيئي معاملي کي وڌيڪ خرابيءَ ڏانهن کڻي پئي وڃي. پرامن احتجاج واري جمهوري حق کان انڪار ڪونهي، پر ڀڃ ڊاهه، باهيون ڏيڻ، دهشت ۽ تخريب جي ڪاررواين کي ڪنهن به تشريح ۽ تاويل سان حقي واجبي قرار نٿو ڏيئي سگهجي. حالتون ايتريون ته ڳنڀير ٿي ويون آهن، جو ٻن صوبن ۾ فوج طلب ڪئي ويئي آهي، جيڪا ضلعي انتظاميا جي معاونت ڪندي. جڏهن امن امان قائم ڪرڻ جي ڪوششن دوران ٽڪراءَ جي صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته وڏي نقصان واري امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي. جڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اهو قرار ڏيئي چڪي آهي ته عمران خان جي گرفتاري قانون مطابق ٿي آهي ته پوءِ انهن وڳوڙن جواز ڪهڙو آهي؟! پي ٽي آءِ قيادت اهو چئي رهي آهي ته، سندن ڪارڪن وڳوڙن ۾ ملوث نه آهن ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پي ٽي آءِ قيادت جن کي اسلام آباد پهچڻ ۽ يا گهرن کان ٻاهر نڪرڻ جون اپيلون ڪري رهي آهي، اهي ڪير آهن ۽ جيڪي ان سڏ تي پهچي وڳوڙ ڪري رهيا آهن، انهن جي ڪهڙي سڃاڻپ آهي؟ جڏهن پي ٽي آءِ احتجاج جي ڪال ڏيئي رهي آهي ۽ ان ڪال جي نتيجي ۾ ٿيندڙ نقصانن ۽ وڳوڙن جي ذميواري به تحريڪ انصاف کي کڻڻي پوندي.

سڄي ملڪ ۾ وڳوڙن ۾ هيستائين ڪيترائي ماڻهو مارجي چڪا آهن، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙن سميت سوين زخمي ٿيا آهن. گهرن ۽ آفيسن تي حملا ڪيا ويا آهن، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي ساڙيو ۽ نقصان پهچايو ويو آهي، اهو ڪهڙو احتجاج آهي؟ محترما بينظير جي شهادت تي پي ٽي آءِ قيادت وانگر پ پ پ قيادت احتجاج جي ڪال نه ڏني هئي، اهو ماڻهن جو پاڻمرادو رد عمل هو، ماڻهن پنهنجي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو، ماڻهن جا جذبات ها، جيڪي ماڻهو بنا ڪنهن ڪال جي ٻاهر نڪتا هئا، پر پي ٽي آءِ ته ماڻهن کي دعوت ڏني آهي. هاڻي اهو ڪجهه پيو ٿئي، جنهن جي ذميواري تحريڪ انصاف جي قيادت به نٿي کڻي. حد ته اها آهي ته ريڊيو اسٽيشن پشاور کي باهه ڏيئي سمورو تاريخي رڪارڊ ساڙيو ويو آهي. آخر ڇو اهو نٿو سوچيو وڃي ته اهو ڪنهن جو نقصان ڪيو پيو وڃي! ناياب تاريخي رڪارڊ ساڙڻ کي احتجاج چئي سگهجي ٿو؟ اها ڪنهن سان دشمني ڪئي پئي وڃي؟ اها ڪنهن جي سڃاڻپ ميساري پئي وڃي؟ اهو ڪنهن جو ورثو تباهه ڪيو پيو وڃي؟ ملڪ اڳ ۾ ئي شديد بحرانن جي طوفانن ۾ گهيريل آهي، ان موقعي تي اهو ڇو نٿو سوچيو وڃي ته، پاڪستان انهن وڳوڙن جو متحمل نٿو ٿي سگهي!