تحريڪ انصاف پنهنجي ‘ريڊ لائن’ جو تحفظ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندي؟

0
31
تحريڪ انصاف پنهنجي ‘ريڊ لائن’ جو تحفظ ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندي؟

گذريل ڪيترن مهينن کان وٺي اهي خبرون آيون پئي ته عمران خان اڄ گرفتار ٿيو يا سڀاڻي. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا عمران خان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ هڪ ٻه ڀيرا زمان پارڪ ۽ بني گالا به ويا پر انهن کي ناڪامي پلئه پئي. آخرڪار تمام گهڻين ڪوششن ۽ ڪاوشن کانپوءِ اڱاري جي ڏينهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارا اڳوڻي وزير اعظم عمران خان کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. عمران خان جي گرفتاريءَ کان ويندي هن کي گاڏيءَ ۾ ويهارڻ تائين جيڪي منظر ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ٿي ويا، تن مان ائين ٿو لڳي ته ڄڻ هُو ملڪ جو ڪو اڳوڻو وزير اعظم نه پر ڪنهن مافيا جو سرڪرده اڳواڻ يا سربراهه هو. عمران خان جي سياست ۽ طريقهء ڪار سان ڪيترا اختلاف ڪري سگهجن ٿا، پر جنهن اَڍنگي ۽ تذليل واري انداز ۾ هن کي گرفتار ڪيو ويو، تنهن جي جيتري مذمت ڪجي، اها گهٽ ٿيندي. عمران خان خوشنصيب آهي، جو سندس گرفتاريءَ جا اهڙا فوٽيجز ۽ ويڊيوز رڪارڊ تي اچي ويون، جن کي ڪروڙين عوام پنهنجي اکين سان ڏٺو، ته ملڪ جي هڪ اڳوڻي وزيراعظم کي ڪيئن گرفتار ڪيو ويو ۽ هن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪيو ويو. ان مان صرف هڪڙو ٿورڙو تصور ڪري سگهجي ته اسان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ذوالفقار علي ڀُٽي، جي ايم سيد، رسول بخش پليجي، اڪبر بگٽي، خير بخش مري، عطا الله مينگل، ولي خان، بينظير ڀٽو، نواز شريف، سوين هزارين سياسي ۽ قومي ڪارڪنن ۽ انهن جي گهر ڀاتين کي گرفتار ڪرڻ وقت ڪهڙو ورتاءُ ڪيو هوندو! ڪاش هن قوم جي آڏو اهي انسان دشمني وارا ورتاءُ ڪنهن تحرير جي صورت ۾ آڏو اچن ۽ عوام انهن کي پڙهي ته انهن جي ليڊرن سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪهڙو ورتاءُ ڪيو.

هاڻي خيرن سان عمران خان جيڪو هن وقت ملڪ جي سڀ کان وڏي بحران جو مکيه سبب آهي، اهو گرفتار ٿي چڪو آهي ۽ خبر ناهي ته هُو ڪيترا ڏينهن ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ هوندو. پي ڊي ايم جي موجوده حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ عمران خان جي اهڙي گرفتاريءَ تي تمام گهڻا خوش نظر اچي رهيا آهن. حڪومت جو هر وزير صاحب ۽ سندن سياسي اتحادي تمام گهڻا خوش آهن. گرفتاريءَ کان ٻه ڏينهن اڳ عمران خان پنهنجي تقرير ۾ رياستي اداري جي هڪ اعليٰ آفيسر جو نالو وٺي ان کي تنقيد جو نشانو بڻايو هو، جنهن جي جواب ۾ آصف زرداري، وزير اعظم شهباز شريف ۽ ٻين عمران خان کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته ادارن جي اعليٰ آفيسرن تي اهڙي قسم جي تنقيد ڪو ملڪ دشمن شخص ئي ڪري سگهي ٿو. آصف زرداري، پيپلز پارٽي جي ٻين اڳواڻن ۽ وزير اعظم شهباز شريف ۽ سندس پارٽي جي ٻين اڳواڻن ڪوشش ڪئي ته هُو اهڙي طريقي سان عمران خان جي بيان تي تنقيد ڪن، جو انهن کي گهٽ ۾ گهٽ اهڙي قسم جي تنقيد ۾ اداري طرفان اول نمبر جيتريون مارڪون ملن. هاڻي خبر ناهي ته ان ۾ آصف زرداري ۽ پيپلز پارٽي کي اول نمبر مليو يا نواز ليگ کي، پر ٻئي پاسي اها به حقيقت آهي ته جڏهن عمران خان وزير اعظم هو، ته سندس پوري وزارت عظميٰ جي دور ۾ نواز شريف، مريم نواز، شهباز شريف، نواز ليگ جي ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان گڏ آصف زرداري ۽ پيپلز پارٽي جا ڪيترا اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار ڪري سالن ۽ مهينن تائين قيد ڪيا ويا ۽ آخر ۾ ان جو عمران خان کي اهو انعام مليو، جو سندس حڪومت به هلي وئي. ساڳئي طريقي سان عمران خان کان اڳ نواز شريف بينظير صاحبه کي جيل ۾ وجهڻ لاءِ وسان نه گهٽايو ۽ وري بينظير صاحبه نواز شريف کي جيل ۾ وجهرائڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو. تنهن ڪري پاڪستان ۾ جنهن کي حڪومت ملندي آهي، تنهن کي ٻيا ڪيترا ڪم ڪرڻ سان گڏ هڪ پر نهايت اهم ڪم اهو به سونپيو ويندو آهي ته توهان کي پنهنجي مخالف کي نه صرف جيل ۾ وجهڻو آهي پر هن جي وري پارٽي ۽ خاندان کي جيترا عذاب ڏيڻ چاهيو ٿا، اهي ضرور ڏيندا. تنهن ڪري عمران خان به اهو ڪيو ۽ خيرن سان موجوده حڪمران جن پاڻ به گذريل 30، 35 سالن ۾ وڏا عذاب برداشت ڪيا آهن، پر ويچارا ڇا ڪن! هن وقت انهن وٽ ڪرسي آهي، تنهن ڪري ڪرسي کي قائم رکڻ لاءِ عمران خان ۽ سندس پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي قيد ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽائيندا, ڇو ته اهو ڪم انهن جي “فرض” ۾ شامل آهي، جي پوري سچائي ۽ فرمانبرداري سان فرض ادا نه ڪندا ته پوءِ حڪومت ڪرڻ لاءِ سندن “اهليت” چئلينج ٿي سگهي ٿي ۽ ان تي ڪيترا سوال اٿي سگهن ٿا، تنهن ڪري “ميرٽ” ثابت ڪرڻ لاءِ پوري پي ڊي ايم، پيپلز پارٽي ۽ مولانا فضل الرحمان اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن ۽ وڏي خوشي ۽ فخر سان ڪري رهيا آهن.

عمران خان کي جڏهن 9 اپريل 2022ع تي عدم اعتماد تحريڪ جي نتيجي ۾ وزارت عظميٰ تان هٽايو ويو هو، تڏهن کان عمران خان هڪڙي پاسي رياستي ادارن، ان ۾ به خاص طور اڳوڻي آرمي چيف جنرل باجوه ۽ پي ڊي ايم جي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائڻ شروع ڪيو. هن پوري ملڪ ۾ تمام وڏا جلسا ڪري نه صرف حڪومت کي سخت تنگ ڪيو پر ساڳئي وقت رياستي ادارن لاءِ به وڏو مٿي جو سور ثابت ٿيو ۽ ايتري قدر جو هن کي جواب ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ملڪ جي عسڪري اداري طرفان پريس ڪانفرنس ڪرڻي پئجي وئي. حڪومت ۽ رياستي ادارا هر صورت ۾ عمران خان کي ماٺ ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا ۽ آخر ان جو حل هن کي گرفتار ڪري جيل ۾ وجهڻ هو. تنهن ڪري حڪومت ۽ رياستي ادارا گذريل ڏينهن عمران خان کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ توقع موجب پوري ملڪ ۾ سخت قسم جو ردعمل سامهون آيو. تحريڪ انصاف جا ڪارڪن سڄي ملڪ ۾ روڊن تي نڪري آيا آهن. هن وقت به سڄي ملڪ ۾ انهن جا مظاهرا هلندڙ آهن، ملڪ جا ڪيترا روڊ رستا بند آهن. سوشل ميڊيا تي سخت قسم جو ردعمل اچڻ سبب حڪومت ملڪ ۾ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ هاڻي اربع جي رات کان پوري ملڪ ۾ انٽرنيٽ بند آهي. سوشل ميڊيا تي ڪجهه اهڙيون ويڊيوز به وائرل ٿيون، جن ۾ آساني سان ڏسي سگهجي ٿو ته ڪيترا ماڻهو، جن مان گهڻن جا چهرا ڪنهن ڪپڙي يا ٽوال سان ڍڪيل هئا، اهي ڪور ڪمانڊر لاهور، جي ايڇ ڪيو راولپنڊي، ڪنٽونمينٽ پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ داخل ٿي ڀڇ ڍاهه ڪندي نظر اچن ٿا. انهن جا دروازا آساني سان کلندي نظر اچن پيا ۽ اتي ڪي به سيڪيورٽي جا انتظام يا اهلڪار نظر نٿا اچن. تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ اسد عمر انهن ماڻهن کان لاتعلقي جو اظهار ڪندي چيو ته اهي سرڪاري ماڻهو هئا، جن اهي ڪارروايون ڪري تحريڪ انصاف جي پرامن مظاهرو ڪندڙن کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر ڪجهه به هجي، اهڙن ڪاررواين کانپوءِ اربع جي ڏينهن پوري پنجاب ۾ فوج کي طلب ڪيو ويو آهي ۽ فوجي جٿا اتي پهچي ويا آهن. صوبائي حڪومت جو فوج کي طلب ڪرڻ مان واضح ٿي وڃي ٿو ته پوري پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جا ڪارڪن ڪيتري مزاحمت ڪري رهيا آهن يا انهن مان ڪيتري سخت قسم جي مزاحمت جو خدشو آهي. ڪي پي ڪي ۾ به فوج طلب ڪئي ويئي آهي.

تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن بار بار چيو پئي ته عمران خان انهن جي “ريڊ لائن” آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن به اها “ريڊ لائن” پار ڪئي ته پوءِ اسان ڌرتي ٽامو ڪري ڏيکارينداسين ۽ ٻئي پاسي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ بار بار چيو پئي ته اسان جون به ڪي “ريڊ لائنون” آهن، جن کي عمران خان پار ڪري رهيو آهي، تنهن ڪري اسان خبردار ٿا ڪريون ته هُو ائين نه ڪري. هاڻي ٻئي ڌريون هڪٻئي جون “ريڊ لائنون” پار ڪري باقاعدي ميدان ۾ اچي ويون آهن. ملڪ ۾ انٽرنيٽ بند ۽ سوشل ميڊيا بند آهي، پنجاب ۾ فوج اچي چڪي آهي، تحريڪ انصاف جا ڪجهه اڳواڻ ۽ ڪيترا ڪارڪن گرفتار ٿي چڪا آهن. تاريخ ۾ پهريون دفعو پنجاب ميدان جنگ بڻجي چڪو آهي. ان کان اڳ سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي اهڙي جنگ يا اهڙين ڪيترن جنگين مان گذري چڪا آهن. هي اهو پنجاب آهي، جنهن کي ذوالفقار علي ڀُٽي جي شهادت به اٿاري نه سگهي. نواز شريف 2017ع کان وٺي حڪومت ملڻ تائين يعني اپريل 2022ع تائين ان پنجاب کي پرامن طريقي سان پر شاندار انداز سان اٿاري بيهاريو پر آخر ۾ اقتدار وٺي ان کي اڌ ۾ ڇڏي ويو ۽ وري 9 اپريل 2022ع کان عمران خان ان کي اٿاري بيهارڻ ۾ ڪامياب ٿيندي پئي آيو ۽ هاڻي وري هن جي گرفتاري کانپوءِ جيڪا تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي لاءِ “ريڊ لائن” آهي، اها وڏي حد تائين ڪاوڙ ۽ غصي ۾ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اهي روڊن تي آهن ۽ ڪيترين گاڏين کي باهيون ڏئي ساڙي چڪا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ نه صرف ڪيترا ڪارڪن زخمي ٿيا آهن پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا ڪجهه اهلڪار پڻ زخمي ٿيا آهن يا اهڙي قسم جون رپورٽون هلن پيون. ٻئي ڌريون هڪٻئي جون “ريڊ لائنون” پار ڪري ميدان ۾ اچي بيٺيون آهن، هر طرف غيريقيني واري صورتحال آهي ۽ ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي “ريڊ لائن” جي تحفظ لاءِ تحرڪ ۾ آهن، جنهن جو مرڪزي ميدان پنجاب آهي، جتي ويجهڙ ۾ جيل ۾ قيد ڪاٽڻ کانپوءِ اقتدار جي صورت ۾ نواز ليگ ۽ نواز شريف کي ڪاميابي ملي چڪي آهي ۽ هڪ اهڙي قسم جي ڪاميابي لاءِ عمران خان ۽ تحريڪ انصاف پهريون دفعو ميدان ۾ لٿا آهن، هاڻي ڏسجي ته اهي ڪيتري وقت تائين ميدان ۾ بيهي پنهنجي “ريڊ لائن” جو تحفظ ڪن ٿا!