اداڪارائن جون سوشل ميڊيا تي اعتراض جوڳيون تصويرون موجود آهن: عدالت کي آگاهي

0
248

Mehwish Hayat gives a sneak peek into her Dubai trip

ڪراچي: اداڪارا مهوش حيات ۽ رابعه اقبال جي اپيلن تي ٻڌڻي ٿي، سنڌهاءِڪورٽ ۾ اداڪارا مهوش حيات ۽ رابعه اقبال عرف ڪبرا خان ميجر (ر) عادل فاروق راجا خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي

ان سلسلي ۾ عدالت پاران جاچ آفيسر جي پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو

خواجا نويد ايڊووڪيٽ جو چوڻ هو ته ڪاغذي ڪارروائي کانسواءِ اڃا تائين ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي

خواجا نويد ايڊووڪيٽ عدالت ۾ چيو ته سوشل ميڊيا تي اڃا به اعتراض واريون تصويرون ۽ مواد موجود آهي: خواجا نويد ايڊووڪيٽ

عدالت ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي،  عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايف آءِ اي کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 15آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي