ڪراچي: سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ڪيسن جي ٻڌڻي دوران ڪراچي جي گجر نالي جي متاثرن سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ٻاهران مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي متاثرن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جا گهر ڊاهڻ کان اڳ متبادل اجها ڏنا وڃن، هنن چيو ته اسان جي ليز ٿيل گهرن کي ڊاهڻ ظلم آهي، اسان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.