ڪراچي: سپريم ڪورٽ جي جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪراچي سرڪيولر ريلوي جي بحالي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪراچي سرڪيولر ريلوي بابت اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي سنڌ حڪومت کي ريلوي ٽريڪ ( پٽڙي) کي فينسنگ( ڪنڊيدار تارون ) لڳائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ڪالهه ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد پڇيو ته ڪراچي سرڪيولر ريلوي بابت ٻڌايو؟ جنهن تي ڪراچي جي ڪمشنر عدالت کي ٻڌايو ته ڪي سي آر جو ٽريڪ ريلوي عملدارن حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي چيف جسٽس پڇيو ته ڇا سمورين حددخلين جو خاتمو ٿي ويو آهي؟ جنهن تي ڪمشنر چيو ته ڪراچي سٽي کان اورنگي تائين حددخليون ختم ڪيون ويون آهن، هن وقت سٽي اسٽيشن کان اورنگي تائين ريل هلي رهي آهي. ان موقعي تي ريلوي جي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي سرڪيولر ريلوي پپري کان ڊرگ روڊ تائين ۽ ڊرگ روڊ کان سٽي اسٽيشن تائين هلي رهي آهي. سرڪلري ريلوي 9 اسٽيشنن تائين هلائي پئي وڃي جڏهن ته گرين لائين سبب 16 ڪلو ميٽر جو ٽريڪ مڪمل ٿيڻو آهي، ان موقعي تي ٽرانسپورٽ کاتي جي سيڪريٽري ٻڌايو ته گرين لائين سبب 12 هنڌن تي پلون، 11 انڊر پاسز ۽ هڪ فلاءِ اوور جوڙڻو آهي، سنڌ سرڪار اوور هيڊ برج ۽ انڊر پاسز لاءِ ايف ڊبليو او کي 25 ملين رپيا ڏنا آهن. هن چيو ته ايف ڊبليو او پري فزيبلٽي لاءِ رقم گهري هئي. ان موقعي تي ايف ڊبليو او جي نمائندي عدالت کي ٻڌايو ته اسان کي اڃا تائين ڪو به ٺيڪو نه مليو آهي، اڃا انڊر پاسز ۽ اوور هيڊ برجز جو اسٽرڪچر ۽ ڊزائن جوڙڻي آهي. ان موقعي تي ٽرانسپورٽ کاتي جي سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته 10 اپريل تي ايف ڊبليو او ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ گڏجاڻي ٿيڻي آهي، جڏهن ته سنڌ ڪابينا اوور هيڊ برجز ۽ انڊر پاسز جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان موقعي تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ايف ڊبليو او کي ڏوڪڙ ٺاهڻ لاءِ ڪم نه ڏنو ويو آهي، اهو عوامي مفادن جو منصوبو آهي. عدالت ايف ڊبليو او جي نمائندي کان پڇيو ته ڪم ڪيستائين مڪمل ٿيندو؟ جنهن تي ايف ڊبليو او جي نمائندي چيو ته 9 مهينن ۾ ڪم مڪمل ٿي ويندو، جنهن تي عدالت پڇيو ته اوهان روڊ ٺاهڻ کانسواءِ ٻيا ڪهڙا ڪهڙا پروجيڪٽ ڪيا آهن؟ جنهن تي ايف ڊبليو او جي نمائندي چيو ته روڊ کانسواءِ ريلوي جا پراجيڪٽ به ڪيا آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان کي خانيوال جو پراجيڪٽ مليو هو، اهو 9 سالن کان مڪمل نه ٿيو، پتو پيو آهي ته اوهان کي ڪم نه ٿو اچي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته اوهان کي ڪو ڪم نه ايندو آهي.