ڪراچي: سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ حددخلين بابت ٻڌڻي دوران بورڊ آف روينيو جو سينيئر ميمبر علم الدين بلو پيش ٿيو، چيف جسٽس گلزار احمد کيس ڏسندي ئي ريمارڪس ڏنا ته هي ڏسو، روينيو جو هڪ ٻيو نئون آفيسر اسان آڏو پيش ٿيڻ لاءِ اچي رهيو آهي، چيف جسٽس جي اهڙي جملي تي عدالت ۾ ٽهڪڙا مچي ويا، چيف جسٽس عدالتي ڪمري ۾ ويٺلن کي ماٺ ڪرائيندي سينيئر ميمبر کان پڇيو ته توهان ڪڏهن کان عهدو سنڀاليو آهي؟ جنهن تي سينيئر ميمبر ٻڌايو ته گذريل هفتي چارج ورتي آهي، جنهن تي عدالت چيو ته انهي کان اڳ اوهان ڪٿي مقرر ٿيل هئا، جنهن تي سينيئر ميمبر چيو ته آئون بورڊز ۽ يونيورسٽيز کاتي ۾ مقرر ٿيل هئس.