گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ ۾ ٻوڏ جي پاڻي جي 3 فوٽن تائين لاٿ آئي آھي، پاڻي جي لاٿ سبب گاجي کهاوڙ جا شهري شهر ڏانهن واپس موٽيا آھن ۽ گاجي کهاوڙ شهر ۾ گئس، بجلي ۽ پيئڻ جو پاڻي ڪيترن ئي ڏينهن کان بند پيل آھي، جنهن ڪري شهري عذاب واري زندگي گذاري رهيا آھن ان خلاف شهرين اڳوڻو ٽائون چيئرمين فيض علي کهاوڙ، محمد يوسف سانڀل، حمزو چنو، توفيق چنو ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته گاجي کهاوڙ ۾ هڪ مهيني کان وٺي واپڊا وارهه وارن بجلي بند ڪري ڇڏي آھي، پيئڻ جو پاڻي ڌامراهه کان ايندو هيو اهو به انجنيئر فياض ڪولاچي بند ڪري ڇڏيو آھي ۽ سئي گئس بند پئي آھي جنهن ڪري اسان رڌ پچاءُ نٿا ڪري سگهون ۽ فاقا ڪشي واري زندگي گذاريون ٿا، بجلي بند هجڻ ڪري مڇرن جي ڪري مليريا ڦهلجي وئي آھي پر واپڊا وارهه وارا پئسه گهرن ٿا ۽ بجلي نٿا ڏين. هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ بجلي ڏني وڃي شهر ۾ پيئڻ جو پاڻي ڏنو وڃي ۽ سئي گئس بحال ڪئي وڃي.