ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوٽڙي جي اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شوري جي اڳواڻي ۾ ڄامشوري اتحاد پاران شهر جي مسئلن جي حل لاء وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري المدينه چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، شورو هائوس کان نڪتل وڏي ريلي ۾ ڪارڪن ضلعي انتظاميا  ۽ چونڊيل نمائندن خلاف نعرا هڻندي المدينا پوڪ پهتا جتي ڌرڻو هڻي ضلعي انتتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. المدينا چوڪ تي لڳل ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر سڪندر شوري جو چوڻ هيو ته شهر سڄو گٽر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، ٻوڏ متاثرن جو مال هڙپ ڪندڙ ڪامورا ۽ چونڊيل نمائندا ننڊ ستل آهن. عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي من پسند ماڻهن کي امداد ڏني پئي وڃي جڏهن ته ڪوٽڙي شهر توڙي ميونسپل ٻولهاڙي شمشان گهاٽ جو ڏئي ڏئي رهيا آهن، عام ماڻهن جي زندگي عذاب بڻيل آهن، پيئن جو پاڻي به ميسر ناهي، گندي ياڻيء جي ڪري گيسٽرو پکڙجي وئي آهي، هن چيو ته اسان ان لاء روڊن تي نڪتا آهيون ته هاڻي اسان جي صبر جو پئمانو لبريز ٿي چڪو آهي، ماڻهو عذاب واري زندگي گهاري رهيا آهن، ساڳي صورتحال سڄي ضلعي ۾ آهي، راشن بنگلن تان ملندڙ پرچين تي ورهايو پيو وڃي، ٻوڏ ستايلن کان به سياسي انتقام ورتو پيو وڃي، ڊاڪٽر سڪندر شوري جو وڌيڪ چوڻ هيو ته اسان عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪري قانوني جنگ وڙهڻ سان گڏ هر فورم تي ڪرپٽ ٽولي سان وڙهنداسين. ان موقعي تي ڄامشورو اتحاد جي اڳواڻن صادق علي شورو، لياقت خاصخيلي، ممتاز راهوجو، بادشاھ ميمڻ، مير مشتاق شورو، ۽ ٻين به خطاب ڪيو.