ڇاڇرو (ن پ ا) ڇاڇرو جي ڳوٺ ڀونهار جي مڊل اسڪول جي عمارت ۾ فرنيچر سميت ٻيون سهولتون نه هجڻ ڪري 2 سئو کان وڌيڪ شاگرد فرش تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن جاويد راهمون، بشير راهمون، محمد حسن راهمون ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ڳوٺ ڀڳيسل، الهداد جو تڙ، ڀاني جو تڙ، عبدالله جي ڍاڻي سميت پنج ڳوٺن جا ٻه سئو کان وڌيڪ ٻار ڳوٺ ڀونهار جي پرائمري مڊل اسڪول ۾ داخل آهن، اسڪول ۾ فرنيچر نه هجڻ سبب  شاگرد ۽ شاگردياڻيون هيٺ فرش تي ويهي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته اسڪول جي استادن جي ويهڻ لاءِ به ڪرسيون نه آهن، هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول ۾ فرنيچر سميت ٻيون سهولتو فراهم ڪري مسئلو حل ڪيو وڃي،