سيوھڻ(ن پ ا)  سيوهڻ بينظير ٽائون ۾ ضلعي انتظاميا پاران قائم ڪيل ٽينٽ بستي ۾ رهيل ٻوڏ متاثرن پاران گندو پاڻي پاروٿو ڀت ۽ ٻيون بنيادي سهولتون نه ملڻ ڏيڻ تي ڊي سي ڄامشورو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مظاهرين دانھيندي چيو ته منڇر جي ٻوڏ ۾ اسان جا گھر ڳوٺ تباھ ڪري ڇڏيا آهن جنهن بعد ضلعي انتظاميه کين سيوھڻ ۾ 500 ٽينٽن تي قائم ڪيل خيما ڳوٺ ۾ ترسايو ڪئي جتي پرائيويٽ ماڻهون مقرر ڪري ڇڏيا آهن جيڪي ڇنڊڻ واھ مان گندو بدبودار پاڻي ٽينڪرن ۾ ڀري اسان کي پيئڻ لاء ڏين ٿا جيڪو پڻ اڻپورو آهي جڏهن ته صبح جو پڪل چانور شام جو پاروٿو ڪري کارايو پيو وڃي جنهن بعد اسان جا معصوم ٻارڙا پيٽ، بخار ۽ ٻين ۾ بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن. گهر اسان جا ڊهي تباه ٿي ويا فصل اسان جا لڙھي ويا الھ تلھ ختم ٿي ويو وري دربدر به اسان آھيون. ھنن سنڌ جي وڏي وزير معاملي جو نوٽيس وٺي ذميوار ماڻهن خلاف کان ڪارروائي ڪري کين جلد سھولتون مھيا ڪيون وڃن.