گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ ڀرسان ڳوٺ سلطان جتوئي 2 مهينن کان   ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل آھي جنهن ڪري   ڳوٺ ۾ ڪيترائي گهر ڊهي پيا آھن، جڏھن ته  ڳوٺ جي رهواسڻ 18 ورهين جي نوجوان ناري قبريٰ خاتون ڌيءُ قاسم چانڊيو گهر ڊھڻ جي صدمي ۾ فوت ٿي وئي،  سندس جي وارثن جو چوڻ آھي ته اسان ٻن مهينن کان لاڙڪاڻي لڏي ويا هياسين اڄ اسان ڳوٺ جو پاڻي ڏسڻ آياسين جتي اسانجي نياڻي قبريٰ خاتون ٻوڏ جو پاڻي ڏسي ۽ پنهنجا ڊٿل گهر ڏسي صدمي ۾ فوت ٿي وئي آھي، پر حڪومت طرفان اسان جي ڳوٺ مان پاڻي نٿو نيڪال ڪرايو وڃي.