ڪولاب جيئل (ن پ ا) ڪولاب جيئل ڀرسان ڳوٺ ڄام جتوئيءَ ۾ معصوم نينگري برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي، گھر ۾ ڪھرام. تفصيل موجب ڪولاب جيئل ڀرسان ڳوٺ ڄام جتوئيءَ ۾ ستن سالن جي معصوم سونيا ڌيءُ نادر علي جتوئي گھر ڀرسان راند کيڏندي پير ترڪڻ سبب برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي، نينگريءَ جو لاش پاڻيءَ مان ڪڍي گھر آندو ويو ته گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ڳوٺ ڄام جتوئيءَ ۾ گذريل ٻن مھينن کان برسات جو پاڻي بيٺل آھي، ضلعي انتظاميا ھن مھل تائين ڪوبه تحرڪ نه ورتو آھي، جنھن جي ڪري اھڙي قسم جا واقعا پيش اچي رھيا آھن. ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته ڳوٺ مان برساتي پاڻي جلد نيڪال ڪرايو وڃي. ياد رھي ته ڪولاب جيئل ۽ آس پاس برساتي ۾ ٻڏي فوت ٿيڻ جو ھي چوٿون واقعو آھي.