سکر (بيورو رپورٽ) پنوعاقل ۾ تيزاب ھاري زخمي ڪيل عورت انصاف لاءِ سکر پريس ڪلب پھچي وئي، ٽي ڏينهن اڳ پنوعاقل لڳ دادلوءِ ٿاڻي جي حد ڳوٺ مھيسرو ۾ تيزاب هاري زخمي ڪيل مسمات فرزانه ميراڻي پنهنجي وارثن محمد ياسين، مير محمد، ڀيڻ ضميران خاتون ۽ سماجي اڳواڻ شائسته کوسو سان گڏ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي ميڊيا نمائندن کي ٻڌايو ته کيس پهرئين مڙس نثار مان ٽن ٻارن جو اولاد آهي، مڙس ست سال اڳ فوت ٿي ويو، جنھن بعد ڏير محرم سان شادي ڪئي. ملڪيت مان پهرئين مڙس جو حصو گھرڻ تي سهري، ڏيرن ۽ مڙس مون ۽ منهنجي نياڻي يسرا مٿان تيزاب هاري ساڙي زخمي ڪيو. منهنجي نياڻي يسريٰ گمبٽ اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، جنهن جو نه اطلاع ڏنو ويو ۽ نه وري نياڻيءَ منهن ڏيکاريو ويو. واقعي جو ڪيس حد جي ٿاڻي تي داخل ڪرايو آھي. پوليس مڙس محرم ۽ سھري عارب ميراڻيءَ کي گرفتار ڪيو آھي، پر ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايل جوابدار واجد ۽ احسان گرفتار ناهن ٿي سگهيا، مون کي  ۽ منھنجي وارثن کي مختلف طريقن سان حراسان ڪيو پيو وڃي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته کيس تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي. سماجي اڳواڻ شائسته کوسو جو چوڻ هو ته پنھنجو حق گھرڻ تي فرزانه ميراڻيءَ ۽ سندس نياڻيءَ مٿان تيزاب ھاري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. متاثر ناريءَ سان انصاف ڪيو وڃي.