حيدرآباد / ٽنڊو الهيار/ چمبڙ(نمائندا) ٽنڊي الهيار ۽ چمبڙ ۾ چڪي مالڪن ڪوٽا جي ڪڻڪ نه ملڻ خلاف مظاهرا ڪيا، جڏهن ته حيدرآباد ۾ هڙتال ختم ڪئي وئي. حيدرآباد ۾ ڊويزنل ڪمشنر جي خاطري بعد اٽي چڪي مالڪن پاران ٻن ڏينهن کان جاري هڙتال ختم ڪري ڇڏي آهي. اڳواڻن محمد ميمڻ ۽ ٻين چيو آهي ته اڄ کان شهر ۾ قائم سموريون چڪيون معمول موجب کلي وينديون. هنن چيو ته 13 ۽ 14 تاريخ تي خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ جي سرڪاري ڪوٽا فراهم نه ٿيڻ خلاف انهن ٻه ڏينهن سموريون چڪيون بند ڪري احتجاج ڪيو هو پر هاڻي ڊويزنل ڪمشنر نديم الرحمان ميمڻ ڳالهيون ڪري کين خاطري ڪرائي آهي ته خوراڪ کاتي جي عملدارن سان ڳالهائي سندن معاملو ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو جنهن بعد انهن 17 آڪٽوبر تائين احتجاج جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي ٽنڊو الهيار چمبڙ سنجرچانگ سميت ٻين شھرن ۾ چڪي مالڪن احتجاجن چڪيون بند ڪري ڇڏيون آهن. فلور مل ايسوسيئيشن جي  اڳواڻ اسماعيل قريشي، حاجي حامد قائمخاني ۽ ٻين چيو ته خوراڪ کاتي پاران اسان کي ڪوٽا تحت ڪڻڪ جي فراهمي نه ڪئي پئي وڃي، اسان کي مهيني ۾ يارنهن ٻوريون ڪڻڪ ملن پيون، جيڪا روز جي حساب سان 27 ڪلو ٿيندي آهي جنهن سان اسان کي نقصان ٿي رهيو آهي هنن مطالبو ڪيو ته اسان کي ملندڙ ڪڻڪ جي ڪوٽا وڌائي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. ٻي پاسي چڪيون بند هجڻ ڪري دڪاندار اٽي جي اگهن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو جنهن جي ڪري اٽو 110 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي ۽ غريب پورهيت ماڻهون سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.