ڪھاڻين جي ٻئي مجموعي “انڌي جي لٺ” تي تبصرو

0
234

 وسيم عباس

” سندرو ٻڌؤن ، جوڙ ڪيؤن ، مطلب ميدان ٿئي ، اسان ٻانهينء تي ڀلا آھيون

ملھھ اسان کان ڪونھ ٿيندي،باقي ڪانڀ ڪڍڻ ۾ دير ڪونھ ڪنداسين،پهلوانن کي اندرين ٻاهرين، اهڙيون صلاحون ڏينداسين جو وڃي ٿيا خير.  گارين ڏيڻ جا بھ گهٽ ڪونهؤن ، باقي تون اهي سندري ٻڌڻ جون صلاحون نھ ڏيندو ڪر ، مارائيندين ڇا.

مس وڃي مڇي ماني جهڙا ٿيا هؤن.”

(ساڳي ڪتاب جي ڪهاڻي ” سندرو “ مان ٽڪرو)

سنڌ جي بدحالي ڪنهن کان ڍڪي آ ! ۽ اهڙي بدحالي ۾ بھ  جي ” مڇي ماني جهڙا “ هن ۽ ٿورا گهڻا پڙھيا لکيا هن انهن جي سوچ بلڪل ائين آھي جيئن ان ڪهاڻيء ” سندرو “ ۾ ڏيکاريل آ ، يا ” تربيت “ ۾.  هونئن سندرا ٻڌڻ انهن جو نھ ڪم آ نھ انهن جي وس جي ڳالھھ آ.  ها پنهنجي مسڪين سنڌين خلاف انهن کي سندرا ٻڌل هن سدائين.

                 پوءِ جن کي سندرا ٻڌڻا هن ، ضروري آ تھ تن کي سياسي ۽ سماجي حالتن جي صحيح صحيح سمجھھ ھجي ۽ ههڙو ادب اهو ڪم بخوبي ڪري سگهي ٿو.    ليکڪ هونئن تھ ڊاڪٽر آ، پر هن سماج جي مرضن جي نشاندهي ايئن ٿو ڪري ڄڻ مريض پنهنجي جسم جي تڪليفن دردن کان واقف هوندي ۽ شديد پيڙھھ ۾ مبتلا هوندي  معالج کي انهن جا پار پتا ڏي، پر بيمار سماج جو جز هوندي رڳو تڪليفن تي آھه زاري تائين نٿو رهي ۽ پنهنجي معالج واري ڪردار کي نھ ڇڏيندي  دردن جو ادراڪ ڪرائڻ سان گڏ انهن جي درمان جو دڳبھ ڏسي ٿو.

ننڍڙي ڪتاب ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون ڪهاڻيون آهن، جن جي سڄي دنيا سنڌي سماج آ.  سنڌ جي سياسي ۽ سماجي مسئلن تي تيز تکي روشني وجهي انهن کي صفا چٽو ڪري ڏيکاري ٿو، مان اڳ بھ ايئن محسوس ڪيو آ تھ سنڌي سماج ۾ سماجي مسئلن تي تھ سڌو سنئن ڳالهائي سگهجي ٿو پر سياسي بحث، خاص ڪري کاٻي ڌر جو نقطو نظر الاهي دٻيل رهي ٿو. انڪري ئي شايد ڪامريڊ سوڀي جهڙو ڏاهو سڄي عمر سياست ڪرڻ جي باوجود بھ لکڻ کان لنوائيندو رهيو ۽ جيئن ٿورڙو هن لکيوبھ تھ ان ۾ بھ سياسي بحث ۾، خاص ڪري controversial مسئلن تي اشارن ڪناين تي ڪم هلائي ويو. نتيجو اهو تھ سندس جهڙو ڏاهو جيترو ادبي مواد سنڌ کي ڏئي پئي سگهيو اوترو نھ ٿي سگهيو ۽ ان کان اڄ اسان محروم آھيون.

هونئن سڌي طور تھ هي ننڍڙيون ڪهاڻيون ليکڪ جي دور ۽ حالتن جي چٽي نمائندگي ڪن ٿيون،پر اڻ سڌي طرح بھ اڄ جي سنڌ اندر سماجي سياسي ۽ فڪري حالتن جو مظھر آهن.مثال، جي ڪهاڻيون سماجي مسئلن سان سلهاڙيل آهن سي سڌيون سيون سادي ٻولي ۾ سوشلسٽ ريئلسٽ ادب جو اپٽار آهن، پر سياسي مسئلن سان متعلق ڪهاڻين ۾ اشارا ڪنايا تمثيلون ملن ٿيون، ڄڻ سياسي فڪر، بحث سنڌ ۾ گهٽيل هجي !

سنڌي سماج ۾ هن وقت طبقاتي ۽ صنفي تضاد پنهنجي بدترين حالتن ۾ موجود آهن.  جيئن ان ڪهاڻي“بيغيرت” ۾ نظر اچي ٿو جو بنا ڪنهن ڄاڻايل سببن جي کمو پنهنجي ڀيڻ کي بس ڪاري واري الزام سان ايئن قتل ڪري ڇڏي ٿو ڄڻ مک مڇر . اها ڪهاڻي جيڪر ڪنهن نارمل سماج جي فرد تي غيرمعمولي طرح اثر انداز ٿي پر اسان وٽ اها معمولي ڳالھھ آ ۽ ايتري عام روزمره جي حقيقت آ جو فڪشن تھ لڳي ئي نٿو. اهو اسان وٽ معمول آ !

ايئن ئي طبقاتي سوال !

اهو تھ هتي سوال ئي ناهي!پاپولر فڪر، جيڪو ان“مڇي ماني جهڙي”  طبقي جو نمائندو ئي آ اصل ۾، ان کي ايترو دٻائي ڇڏيو آ جو هو تھ ان جي موجودگي کان ئي انڪاري آ ! ۽ انڪري طبقاتي استحصال تي هتي ڳالهائڻ ڪار ئي ڪونهي انڪري پيڙھيل طبقي سان گڏ انهن سان جڙيل سياسي فڪر بھ پيڙھجي رهيو آ، ۽ روشن خيالي ترقي پسندي وڏي ويل ۾آهن ۽ اهڙي صورتحال ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي“انڌي جي لٺ ” ۾ موجود آ.  پر اهو بھ پنهنجي بڇڙي شڪل ۾ جاتي ڪاٿي ڦاٽ کائي ٿو جيئن هنن ٻن ڪهاڻين“تپ”۽ “تون ڪاڏي”۾ سنڌ جي بظاهر ترقي پسند نارويواد تحريڪن جي اندر اڀري اچي ٿو. انهن ٻن ڪهاڻين ۾ خاص مشابهت آ ٻئي ڪهاڻيون طبقاتي جدوجهد کان الڳ ناريواد تحريڪن جي منافقت کي چاڪ ڪن ٿيون.

” ڦاپي ! تون ڪاڏي ؟”  ان ڪهاڻي “ تون ڪاڏي ” ۾ ڦاپي جي مالڪياڻي محترمھ عورتن جي ڏھاڙي تي پاڻ سان پنهنجي نوڪرياڻي ڦاپي کي هلڻ لاءِ تيار هوندي ڏسي چئي ٿي !

مون کي وري ڦاپي ۽ آمي ياد اچي ويون، فاطمھ ۽ آمنھ ، تيرنهن چوڏهن ورهين جون سنڌي مسڪين نياڻيون جي 1982ع ۾ ظالم عرب شڪارين جو شڪار ٿيون،جن استاد بخاري کي ڏاهر جي ڌيئن جي ياد ڏياري.

هڪ وڏو ويل غير سائنسي رويي جو بھ آھي،۽ ڪهاڻي اعتقاد لکڻ جي ڏانءُ جو ڪمال آ جو مختصر تحرير ۾ صنفي تفريق واري اسانجي رويي سان غير سائنسي سوچ کي بھ وائکو ڪري ٿي ۽ خاص ڪري ليکڪ پنهنجي پيشي سان بھ ان ڪهاڻي ۾ انصاف ڪيو آ.  اسان جو عمومي طور غير سائنسي رويو صحت جي معاملن ۾ خاص ڪري وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿئي ٿو جنهن طرف ليکڪ ڌيان ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آ.

ڪتاب جي ننڍڙين ڪهاڻين ۾ ٿورن لفظن ۾گهڻو ڪجھھ چيل آ، ڪيترن ئي سماجي سياسي مسئلن کي بحث ھيٺ آندو ويو آ.  انهن سڀني ڪهاڻين ۽ انهن جي سڀني پاسن جو ذڪر هتي نھ ممڪن آ نھ منهنجي وس. بس ايترو چئبو تھ ههڙي قحط ۾ بھ جتي مسڪينن جي مظلوميت بھ راجن مهاراجن جي مظلوميت ئي ياد ڏياريندڙ ھجن، اتي ههڙيون ڪهاڻيون ، انهن جو ليکڪ ۽ سندس قلم ڪمزورن جي خدمت ۾ آهن.

ھي ڪتاب ھڪ برقي پبليڪيشن آھي جنھن جي روايت بھ عبدالرحمٰن پيرزادي پبلشر کي رشوت ڏيڻ کان انڪار ڪندي قائم ڪئي آھي.

سندس ٻين ڪتابن سان گڏ ھي ڪتاب  بھ ھن لنڪ تي موجود آھي.

 https://el.sindhculture.gov.pk/pdf-book/32