حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ريلوي اسٽيشن جي وينڊرز، ٺيڪيدارن ۽ دڪاندارن پاران ٽرانسجينڊر بل پاس ٿيڻ خلاف پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي عمران خالد ۽ ٻين چيو ته ٽرانسجينڊر بل اسلامي ۽ انساني قدرن جي خلاف آهي جنهن سان معاشري ۾ بگاڙ پيدا ٿيندو. ڄاڻايل بل خلاف سڄو ملڪ سراپا احتجاج آهي پر قومي اسيمبلي جا ميمبر توڙي صوبائي اسيمبليون خاموش تماشائي بڻيل آهن. هنن مطالبو ڪيو ته ٽرانسجينڊر بل فوري طور واپس وٺي رد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سڄو ملڪ سراپا احتجاج بڻجي ويندو.