سنڌ سان ناانصافين جو نوٽيس ڪير وٺندو؟

0
105
سنڌ-سان-ناانصافين-جو-نوٽيس-ڪير-وٺندو؟

  اڄ جڏهن سنڌ تي ڏکيو وقت آيو آهي تڏهن وفاق الائي ڇو ماٽيلي ماءَ وارو سلوڪ ڪري رهيو آهي. ڇاڪاڻ هن ٻوڏ واري صورتحال ۾ وفاق پاران سنڌ جي ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافين جو وفاقي جي ڪنهن به اداري نوٽيس نه ورتو آھي.

                 ڇاوفاق صرف سنڌ جي ذخيرن تائين جا حق رکي ٿو ان جي ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ جا منصوبا جوڙي ٿو ۽ سڄي سنڌ کي آلوده ڪندڙ نيشنل هاءِ ويز جا ٽيڪس توڙي بندرگاهن جي ڪمائي کان وٺي مڇي جي پڪڙڻ تائين سنڌ جي سمورن شين تي اڄ وفاق جو حق آهي.؟ سنڌ جي ھيڪ سان لاڳاپيل سڀني تعليمي توڙي انهن سان لاڳاپيل اسپتالن ورڪشاپن توڙي انڊسٽرين جي ڪمائي پڻ وفاق وٽ وڃي ٿي. 1973ع جي آئين مطابق سنڌ توڙي سڀني صوبن جي معدنيات ۾ گئس تيل ڪوئلو ۽ مائيننگ واريون سڀئي شيون وفاق جي حصي ۾ اچن ٿيون.سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته وفاق صرف مال ڌڻي ڇو آهي؟ جيڪڏھن هو هتان جو سٺ  سيڪڙو کان مٿي جي روينيو جو ڌڻي آهي ته روينيو مطابق صوبي جو حق ٺهي ٿو ته ان کي مشڪل وقت تي ڪم اچي.

اڄ جڏهن سنڌ سڄي سمنڊ جو نظارو ڏيئي رهي آهي تڏهن وفاق پاران ٺاهيل اداري نيشنل ڊزاسٽر مينيجمنٽ جنهن جو بنياد پرويز مشرف 2005ع ۾ وڌو هو ان وقت صوبا مارشل لا تحت غير جمهوري هئا ۽ هن اداري کي هڪ سال جي وقت لاءِ ڪنهن آرڊيننس تحت لاڳو  ڪيو هو. ۽ اهڙي طرح 2006/7  تائين رهيا ۽ وري واپس صوبن کي اختيار ملي ويا تنهن وقت روينيو ڊپارٽمنٽ جي ماتحت ڪم ڪندو هو. ٺيڪ چئن سالن کان پوءِ 2010ع ۾ جڏهن مها ٻوڏ آئي ۽ سنڌ جي سنڌو درياءَ جو اولهھ وارو سڄو علائقو ٻڏي ويو هو تنهن مهل وري سنڌ کان سواءِ ٻين ٽن صوبن جي اسيمبلين مان بل پاس ڪرائي نيشنل ڊزاسٽر مينجمنٽ اٿارٽي لاءِ بل پاس ڪيو ويو. ۽ اڄ ان جو قانوني حق به صرف ٽن صوبن تائين  آهي، پر اچرج ۾ وجهڻ جهڙي ڳالهھ ته اها آهي سنڌ حڪومت ڪهڙي قانون تحت ايتري وڏي رقم 30 ارب روپيا اين ڊي ايم اي جي حوالي ڪري ڇڏيا. جيڪي اڃان تائين سنڌ جي جي ماڻهن مٿان استعمال ناهن ٿي سگهيا ۽ مستقبل ۾ به اين ڊي ايم اي ان جي جوابده ناهي. سنڌ جي ماڻهن کي اهو هن ايڏي وڏي نقصان جي ازالي لاءِ ڪنهن به  قسم جو ڪو قانون ناهي ٺهيل، جنهن تحت سنڌ حڪومت عالمي امداد سڌي طريقي سان حاصل ڪري سگهي. ھاڻ دنيا پاڪستان جي آئين کي پڙهي ڪري امداد ناهي ڏئي رهيو پر دنيا سنڌجي ٻڏل حالت ڏسي امداد ڏئي رهي آهي پر سنڌ گورنمينٽ جي نا اهلي ان سست شينهن وانگر ٿي نظر اچي جيڪو شڪار اڪيلو ويهي ڪندو آهي پر ان کان ٻيا جهنگلي جانور جيڪي جهنڊ ۾ رهندا آهن اهي کسي ويندا آهن. اڄ سنڌ کي ٻوڙائڻ ۾ سڄو هٿ سنڌ حڪومت جو آهي جنهن ٻه هزار ڏھه واري ٻوڏ جي نقصان مان نه سکيو جنھن ڪري اڄ ٻارهن سالن کان پوءِ وري هڪ ڀيرو ٻيهر سڄي سنڌ  ٻڏي وئي. پورو ڊرينيج نظام تباھھ ٿي ويو آهي. هر سم نالن توڙي ڍنڍ کي گهارا لڳل آهن ته ڪٿي هٿ سان ڪٽ هڻي ٻوڙايا ويا آهن، جڏهن ته هن سڄي سيلاب جي ڪري  امداد آئيني طريقي سان اين ڊي ايم اي ڏانھن وڃي رھي آھي  جنهن مان سنڌ کي ڪجھھ نھ پيو ملي. ان لاءِ اڄ تائين مليل امداد ماڻهن کي صحيح نموني ناهي پهچي سگهي نه ئي  ماڻهن کي صحيح طريقي سان ريسڪيو ڪيو ويو آهي. اڄ ماڻهن کي موت جي حوالي ڪيو ويو آهي ۽ موت ڪيئي لباس پهري لامارا ڏيئي رهي آهي. آئي ڏينهن ڪڏهن مليريا ٿي  ماڻهن کي ماري  ۽ ڪڏهن بک ته ڪڏهن ڊائريا، ته ڪڏهن الرجي جهڙيون بيماريون ماڻهن کي موت جو کاڄ بڻائي رهيون آهن. سنڌ جا ماڻهو وڏي عذاب مان گذري رهيا آهن عورتون توڙي ٻارن لاءِ صفائي جو ڪوبه بندوبست ناهي. گورنمينٽ توڙي تڪ جي چونڊيل نمائندن عوام کي  مايوس ڪري ڇڏيو آهي. سڌي طرح ملندڙ امداد جيڪا سنڌ گورنمينٽ جي نمائندن کي ملي ٿي ان ۾ بدنظمي جي انتها آهي. هر روز پنج ست ڪيس اهڙا ظاهر ٿين ٿا تھ ڪنهن فلاڻي گدام ۾ فلاڻي وزير پاران امدادي سامان لڪايو پيو وڃي، اسان جي ئي چونڊيل نمائندن جا اھڙا ڪرتوت  آهن ته وقاق مان ڪهڙي ڀلائي جي اميد رکي سگهون ٿا.

سنڌ جي ماڻهن کي هن ميڊيم تان آگاھھ ڪندو هلان ته توهان جا شهر گهر ٻڏا توهان جون زمينون تباهھ ٿيون ان جو ازالو سنڌ گورنمينٽ نه ڪندي، ڇاڪاڻ اسان وٽ ڪوبه قانوني حق ناهي جنهن تحت ملندڙ امداد جا حقدار ٿي ڪري سنڌ جي عوام کي لاڀ ڏيئي سگهون.ڪيترائي ڏينھن گذري ويا آھن  پر سنڌ اسيمبلي مان ڪو اهڙو بل پاس ڪرائي ڪو آرڊيننس آڻين جنهن تحت عالمي دنيا کان ملندڙ امداد جا حقدار ٿي سگهون ٿا. باقي وفاق هميشه وانگر سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو آهي. اهو چاهي پاڻي جو مسئلو هجي يا بجلي توڙي گئس يا نوڪرين جي ڪوٽا جو هجي اسان جو صوبو سدائين ناانصافين جي ور چڙهيل آهي. لاقانوني ۽ عدم دلچسپي جي ڪري سنڌ ۽ سنڌين سان مسلسل ناانصافيون ٿي رهيون آهن جنهن ۾ ٻاھريان غير قانوني آيل بهاري، بنگالي هاڻي افغاني انهن سڀني کي ڪراچي ۾ رهايو ويو آهي. هر آئي ڏينهن  اھي ڪنهن جي تذليل ڪن ٿا ته ڪنهن کي قتل ڪيو وڃي ٿو پر وفاق جي ڪن تي جونءَ به ڪانه ٿي چري، پر افغاني تھ بغاوت جون حدون به ڪراس ڪري چڪا آهن جنهن ۾ قومي رانديگرن تي تشدد توڙي قومي جهنڊي کي ساڙڻ توڙي ان کي پيرن سان لتاڙڻ جون سوين وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن. ڪجهھ ڪلپس ۾ باقائده قانون لاڳو ڪرڻ وارن ادارن جي آفيسرن جي پڻ تذليل ڪندي ڏٺو آهي پر انهن خلاف ڪابه اثرائتي ڪارروائي ناهي ٿي سگهي ۽ مستقبل ۾ به افغانين جي واپسي لاءِ ڪي  قدم ناهن کنيا ويا.

هي صرف ڪجھھ واقعا آهن پر سنڌ ۾ ٿيندڙ ڪنهن به عوامي نا انصافي جو نوٽيس وفاق وٺڻ لا تيار ناهي. هتي سنڌ ۾ فصل جا اگهھ الڳ آهن ۽اهڙي طرح پنجاب  ۾ الڳ. اڄ سنڌ ۾ اٽو 120روپيا ڪلو پيو ملي پر عوام جي وڏي ري ايڪشن، احتجاج ۽ هڙتالن جي باوجود سپريم ڪورٽ خاموش آهي. اڳي ته موبائل ڪمپنين تائين جي ننڍن مسئلن جو سوموٽو نوٽس ورتو ويندو هو پر اڄ ماڻهو بيمار آهن انهن جا ڳوٺ هٿن سان هٿرادو ٻوڏ سان ٻوڙايا ويا آهن. پر ان جو به ڪوبه سپريم ڪورٽ سوموٽو وٺڻ لا تيار ئي ناهي. نه ئي وفاقي ادارا قانوني توڙي هن ٻوڏ جي حالتن ۾ مدد ڪرڻ لا تيار ناهن.

[email protected]