دهلي(انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ ٽن ڏينهن جي هندو ميلي دوران ڪڪڙن جي ميل ۾ 2 ماڻهو ڪڪڙن هٿان مارجي ويا. ڪڪڙن جي پيرن ۾ تيز ڌار بليڊ لڳايا ويا هئا. عالمي ميڊيا جي رپورٽ موجب ڪاڪي نندا ۾ 43 سالن جو سوريا پرڪاش رائو پنهنجي ايوارڊ يافتا ڪڪڙ هٿان ان وقت ماريو ويو جڏهن ڪڪڙن جي ميل دوران رائو پنهنجي ڪڪڙ جي پيرن ۾ تيز ڌار بليڊ لڳائي ان کي ميدان ۾ ڇڏيو. اوچتو هجوم کان ڊڄي ڪڪڙ پنهنجي مالڪ تي حملو ڪري ڏنو ۽ ان کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي مقامي اسپتال نيو پيو ويو ته رستي ۾ ئي سور نه سهندي فوت ٿي ويو. اهڙي طرح هڪ ٻئي واقعي ۾ ڪڪڙن جي ميل دوران ويجهو بيٺل پدمراجو نالي شخص کي پيرن ۾ بليڊ ٻڌل ڪڪڙ هٿ جي اهم رڳ ڪٽي کيس زخمي ڪري ڇڏيو ۽ اهو به اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي فوت ٿي ويو. ڪڪڙن جي ميل دوران ڪڪڙن جا مالڪ پنهنجي ڪڪڙن جي پيرن ۾ ننڍا چاقو يا بليڊ ٻڌندا آهن ۽ اتي بيٺل ماڻهو انهن مٿان شرط رکندا آهن.