شڪاگو(انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪي ايئر لائن 35 سالن تائين ملازمت ڪندڙ پاڪستاني شهريءَ جو نالو جهاز تي لکرائي ڇڏيو. آمريڪي يونائيٽڊ ايئرلائن 35 سالن تائين ملازمت ڪندڙ پاڪستاني شهري محمد ذهين جي خدمتن جي اعتراف ۾ هن جو نالو پنهنجي جهاز تي لکرائي ڇڏيو آهي. پشاور سان تعلق رکندڙ محمد ذهين پئسن، گفٽ ڪارڊ ۽ ڪنهن ملڪ جي دوري جي آڇ رد ڪري ڇڏي. محمد ذهين ٻڌايو ته جڏهن جهاز هن جي اڳيان آ3يو ته ان تي هڪ اڇي پٽي لڳل هئي، هنن اڇي پٽيءَ کي آهستي آهستي هٽائي ڇڏيو ته ان مٿان پهريان محمد پوءِ ذهين لکيل نظر آيو، اهو منهنجو لاءِ تمام خوشيءَ جو لمحو هو ۽ هنن جي ايئرلائن مونکي ڪيترو وڏو اعزيز ڏنو آهي.