ڪراچي(انٽرسٽنگ نيوز) دنيا ۾ هڪ اهڙو هوٽل موجود آهي جتي اوهان هڪ ئي وقت ٻن ملڪن ۾ موجود هوندي سمهي سگهو ٿا. جيڪڏهن اوهان هڪ ئي وقت ٻن ملڪن ۾ رهڻ چاهيو ته اوهان کي فرانس ۽ سوئٽزرلينڊ جي سرحدي علائقي لاڪيور ۾ قائم هوٽل اربيز فرانڪو سوئس تي وڃڻو پوندو. اهو هوٽل هڪ اهڙي منفرد جڳهه تي قائم آهي جنهن جي اندران ئي فرانس ۽ سوئٽزرلينڊ جون سرحدون گذرنديون آهن، ان جي ڪري هي دنيا جو واحد هوٽل آهي ٻن ملڪن ۾ ٺهيل آهي. ان هوٽل جي منفرد جاءِ جو سبب 1862ع ۾ فرانس ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ ٿيندڙ هڪ نئون سرحدي معاهدو آهي جنهن کي ٽريٽي آف ڊيپس چيو ويندو آهي. ان معاهدي ۾ فرانس ۽ سوئٽزرلينڊ سرحدي علائقن جي ويجهو رستي جو مڪمل ڪنٽرول فرانس کي ڏيڻ لاءِ ننڍي علائقي جي مٽاسٽا تي اتفاق ڪيو هو. معاهدي ۾ اهو به طئي ٿيو ته ٻنهي ملڪن جي گڏيل سرحدي علائقي تي قائم عمارتون پنهنجي جاءِ تي ئي موجود رهنديون. هڪ ڪاروباري شخص ٻنهي ملڪن جي وچ تي سرحد تي هڪ دڪان ۽ بار کولي جنهن کي 1921ع ۾ هڪ مڪمل هوٽل ۾ تبديل ڪيو ويو.