ڪڙيو گهنور (اسپورٽس نيوز) ڪڙيوگهنور ۾ مرحوم خليفہ ذوالفقار نظاماڻي جي ياد ۾  نائيٽ  ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا دلچسپ مقابلا جاري رهيا، پهريون مئچ سهڻي سنڌڙي ۽ سنڌ سپر ڪنگ جي وچ ۾ کيڏيو ويو ، سهڻي سنڌڙي اليون ٽاس کٽي پهريان سنڌ سپر ڪنگ کي بئٽينگ جي دعوت ڏني ، سنڌ سپر ڪنگ پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 127 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ سهڻي سنڌڙي اليون کي کٽڻ لاءِ 128 رنسن جو حدف ڏنو، جواب ۾ سهڻي سنڌڙي 65 رنسن تي ڍير ٿي وئي، اهڙي طرح سنڌ سپر ڪنگ مئچ پنهنجي نالي ڪري ورتو ، بهترين بئٽنگ ڪرڻ تي مور چانڊيو کي مئن آف دي مئچ قرار ڏنو ويو، مور چانڊيو 21 بالن تي 79 رنسون ٺاهي نمايا رهيو، جڏهن ته ٻيو مئچ شاھ لطيف اليون ۽ سن رائيزنگ وچ ۾ کيڏيو ويو ، شاھ لطيف اليون پهريان بئٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 106 رنسون ٺاهي ۽ سن رائيزئگ کي کٽڻ لاء 107 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ، جواب ۾ سن رائيزنگ اليون صرف 56 رنسن تي ڍير ٿي ويئي ، اهڙي طرح شاھ لطيف اليون مئچ پنهنجي نالي ڪري ورتو.