ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪاره ۽ ماڊل ثنا جاويد جي سالگرهه جي تقريب جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، ثنا 31 سالگرهه ملهائي، ان موقعي تي ثنا جي مڙس ۽ قومي ڪرڪيٽر شعيب ملڪ زال کي رومانوي سرپرائز ڏئي خوش ڪري ڇڏيو. ثنا جاويد پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجي سالگرهه جي تقريب جون ڪجهه تصويرون پوسٽ ڪيون جن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته شعيب ملڪ زال کي سرپرائيز ڏيڻ لاءِ رومانوي ٿيم جي سجاوٽ ڪئي، سالگرهه جي ٿيم لاءِ قومي ڪرڪيٽر ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگ جي چونڊ ڪئي، ٻن ڦوڪڻن سان سجاوٽ ڪئي ان کان علاوه ثنا کي ڳاڙهو گلاب جو گلدستو پيش ڪيو. اداڪاره پنهنجي پوسٽ ۾ سالگرهه جي سرپرائز لاءِ پنهنجي مڙس شعيب ملڪ جو شڪريو ادا ڪيو.