ڪراچي( شوبز نيوز) پاڪستاني فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪاره ريشم چيو آهي ته ٻار تي تشدد واقعي کانپوءِ راحت فتح علي خان پنهنجي غلطي تي پوري قوم کان معافي ورتي جنهن کانپوءِ منهنجي نظر ۾ ان لاءِ عزت وڌي وئي آهي. هڪ خانگي ٽي وي چينل ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته گلوڪار ۽ قوال عالمي سطح تي پاڪستان جي عزت وڌائي ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي، ريشم چيو ته راحت کان ڪجهه مهينا اڳ غلطي ٿي وئي هئي، جنهن تي هن سڀ کان پهرين الله تعاليٰ کان معافي گهري پوءِ پنهنجي ملازم کان ۽ پوري قوم کان معافي ورتي. ڇاڪاڻ جو هن پنهنجي غلطي تسليم ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته واقعي کانپوءِ هاڻي اسان کي راحت فتح علي کي پهرين کان وڌيڪ عزت ۽ پيار ڏيڻ گهرجي.