ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار نواز الدين صديقي ۽  سندس گهرواري ۾ ٺاهه ٿي ويو، نواز الدين اهڙي واقعي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ٻارڙن سان گڏ رهڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. تازو ٻنهي زال مڙسن پنهنجي شادي جي 14هين سالگرهه گڏ ملهائي، جشن جي تصوير هن پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي پوسٽ ڪئي هئي. جنهن ۾ نواز الدين صديقي ۽ عاليه صديقي کي پنهنجي ٻارڙن سان گڏ خوشگوار موڊ ۾ ڏسي سگهجي ٿو، ان پوسٽ مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو. عاليه صديقي هندستاني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي زندگي ۾ ڪجهه شيون تبديل ٿيون آهن، هر ڪنهن کي پنهنجي زندگي جون سٺيون شيون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪرڻ گهرجن.