اوهائيو(انٽريسٽنگ نيوز) هڪ آمريڪي شهري کي تازو ئي مقامي اسڪول ۽ پوليس کي بار بار فون ڪري تنگ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. اوهائيو سان تعلق رکندڙ ايڊم سائزمور جيڪو ٻن ٻارن جو پي آهي جنهن ڪرمر ايليمينٽري اسڪول ۽ پوليس جون وايون بتال ڪري ڇڏيون کيس لڳي رهيو هو ان جي پٽ کي اسڪول وارا تمام گهڻو هوم ورڪ ڏئي رهيا آهن. هن مقامي پوليس کي شڪايت ڪئي ته اسڪول ٽيچر ان جي پٽ کي تمام گهڻو هوم ورڪ ڏئي رهي آهي جنهن سبب تمام گهڻو ڪاوڙيل آهيان، ان لاءِ اسڪول جي پرنسيپل جيسن مورز خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. ايڊم مبينا طور تي اسڪول وارن کي ڌمڪيون ڏنيون هن ايتريون ته ڪالون ڪيون جو اسڪول وارن ڪالز جو جواب ڏيڻ ئي بند ڪري ڇڏيو. اسڪول وارن جي اهڙي رويي خلاف ايڊم هڪ ڪلاڪ اندر ئي اندر 18 ڀيرا آڪسفورڊ پوليس ڊپارٽمينٽ کي ڪالز ڪيون جنهن کانپوءِ آخرڪار پوليس پهتي اهلڪارن الٽو کيس ٽيليفون ذريعي هراسان ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو. ايڊم کي ڇهن مهينن تائين جيل جي هوا کائڻي پوندي گڏوگڏ 1000 ڊالر ڏنڊ جي سزا به ٻڌائي وئي. آڪسفورڊ پوليس جي سارجنٽ پرائس جو چوڻ هو ته ايڊم جو رويو پريشان ڪندڙ هو اهڙي ڪا به ڳالهه نه هئي، ٽيچر غير معمولي مقدار ۾ ٻار کي هوم ورڪ ڏئي رهي هئي.