ٽوڪويٽو(انٽرنيشنل نيوز) وينزويلا ۾ هڪ عجيب واقعو پيش آيو آهي جنهن ۾ هڪ ڏوهاري، عورت جو روپ ڪري جيل مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ميڊيا رپورٽس موجب وينزويلا جو هڪ خطرناڪ ڏوهاري لورينزو نالي 25 سالن جو شخص قتل ۽ ڌاڙن جي ڏوهن ۾ قيد ڪيو ويو هو ۽ هاڻي هو ٽوڪويٽو شهر جي ايل لبرٽيڊور جيل مان عورت جي روپ ۾ ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. واقعو منجهند ڌاري پيش آيو جڏهن قيدي جي گرل فرينڊ ان سان ملڻ آئي ته هن پاڻ سان گڏ امڪاني طور تي عورت جو مخصوص سامان به کڻي آئي، ملاقات جي وقت لورينزو ويس مٽايو ۽ ڪارو رنگ هجڻ باوجود هو جيل ۾ ڪيترن ئي گارڊن کي چڪمو ڏئي جيل مان ڀڄي ويو. جيتوڻيڪ اهو واضح ناهي ته هن گارڊز کي ڪيئن آساني سان بيوقوف بڻايو؟ ان حوالي سان في الحال چئن گارڊز کان جاچ ڪئي پئي وڃي.