نئين دهلي(انٽريسٽنگ نيوز) هندستان ۾ هڪ اهڙو شخص آهي جيڪو رڪارڊ 238 ڀيرا ناڪامي کانپوءِ به ٻيهر اليڪشن وڙهڻ لاءِ تيار آهي. 65 سالن جو شخص پدما راجن جو چوڻ آهي ته ناڪامي کان نه ڪڏهن گهٻرايو آهي ۽ نه وري شرمائيندو آهيان. پدما کي گاڏين جا ٽائر ٺاهڻ جو دڪان آهي گڏوگڏ هو هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر به آهي، هڪ مقامي ميڊيا جي ايڊيٽرطور به ڪم ڪري ٿو، پر حيرت جي ڳالهه آهي جو هو ڪڏهن به کٽڻ جي خواهش سان اليڪشن نٿو وڙهي. هن خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ 36 سالن کان چونڊون وڙهي رهيو آهيان هن وقت تائين 238 ڀيرا اليڪشن جي ميدان ۾ پاڻ کي آزمائي چڪو آهيان، ملڪ جي صدر جي چونڊن کان وٺي مقامي سطح تائين ٿيندڙ اليڪشن ۾ حصو ورتو آهي پر ڪنهن هڪ هنڌ تي به ڪاميابي ناهي ملي سگهي، پنهنجي ان جنون جي ڪري علائقي ۾ اليڪشن ڪنگ جي نالي سان مشهور آهيان. پدما راجن نريندر مودي اٽل بهاري واجپائي، من موهن سنگهه ۽ راهول گانڌي سامهون اليڪشن ۾ بيٺو آهي، اليڪشن وڙهندڙ جنوني شخص جو چوڻ آهي ته پنهنجي آخري دم تائين چونڊون وڙهندو رهندس، هن کان ڪنهن سوال ڪيو ته جيڪڏهن تون کٽين وئي ته پوءِ؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته مان تمام گهڻو حيران ٿي ويندس ۽ ٿي سگهي ته مون کي دل جو دورو به پئجي وڃي.