اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن کي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي. عدالت چيو آھي ته صرف انھن ڪيسن جو فيصلو ٻڌايو وڃي جن ۾ نامزد ماڻھو عيد کان پھريان آزاد ٿي سگھن ٿا. اٽارني جنرل خاطري ڪرائي ڇڏي. جسٽس امين الدين خان جي سربراھيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 6 رڪني لارجر بينچ فوجي عدالتن ۾ سولينز جي ٽرائل خلاف انٽر ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس محمد علي مظھر، جسٽس حسن اظھر رضوي، جسٽس شاھد وحيد، جسٽس مسرت ھلالي ۽ جسٽس عرفان سعادت خان بينچ ۾ شامل ھئا. ٻڌڻي جي شروعات ۾ اٽارني جنرل خصوصي عدالتن مان 15 کان 20 جوابدارن جي آزاد ٿيڻ جو امڪان ظاھر ڪيو آھي. اٽارني جنرل عدالت کي آگاھه ڪيو آھي ته بريت ۽ گھٽ سزائن وارن کي رعايت ڏئي آزاد ڪيو ويندو. مجموعي طور تي 105 جوابدار فوج جي حراست ۾ آھن،20 جوابدار اهڙا آهن، جيڪي عيد کان اڳ آزاد ٿي سگهن ٿا، اٽارني جنرل عدالت کي استدعا ڪئي ته خصوصي عدالتن جا محفوظ ٿيل فيصلا ٻڌائڻ جي اجازت ڏني وڃي. جسٽس امين الدين خان رمارڪس ڏيندي چيو آھي ته جيڪڏھن اجازت ڏني به ته اپيلن جي حتمي فيصلي سان مشروط ھوندي. جسٽس حسن اظھر رضوي رمارڪس ڏنا ته جن کي آزاد ڪرڻو آھي انھن جا نالا ٻڌائي ڇڏيو. اٽاني جنرل چيو ته جيسيتائين خصوصي عدالتن مان فيصلا نٿا اچن نالا نٿو ٻڌائي سگھان. جن جي سزا ھڪ سال آھي انھن کي رعايت ڏني ويندي. عدالتي ڪمري ۾ موجود وڪيل اعتزاز احسن چيو ته اٽارني جنرل جي ڳالھه ٻڌي مايوسي ٿي آھي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان فوجي عدالتن جي محفوظ ٿيل فيصلا ٻڌائڻ جي مشروط اجازت ڏني آھي. عدالتي عظميٰ چيو ته صرف انھن ڪيسن جا فيصلا ٻڌايا وڃن جن ۾ نامزد ماڻھو عيد کان پھريان آزاد ٿي سگھن ٿا. اٽاني جنرل خاطري ڪرائي ته گھٽ سزا وارن کي قانوني رعايت ڏني ويندي. فيصلا ٻڌائڻ جي اجازت اپيلن جي حتمي فيصلي سان مشروط ھوندي. عدالت اٽارني جنرل کي عملدرآمد رپورٽ رجسٽرار وٽ جمع ڪرائڻ جي ھدايت ڪندي فوجي عدالتن ۾ سويلنز  جي ٽرائلز خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي اپريل جي چوٿين ھفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.