اسلام آباد (م ڊ) بچاءُ بابت وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته وزيراعظم خاطري ڪرائي آهي ته جيڪا به مدد عدليا کي گھربل هوندي اها ڪئي ويندي. منهنجي خواهش آهي ته عدليا جي جيڪا به شڪايت هجي اها ختم ڪئي وڃي. خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته شڪايت آئي آهي ته پراسيس کي فالو ڪيو ويندو. فيض آباد ڌرڻي جي ماڻهن ۾ هڪ آفيسر جي پيسا ورهائڻ واري وڊيو موجود آهي. جڏهن پڇيو ويو ته چيو ويو ته واپسي جو ڪرايو ڏنو ويوهن چيو ته سياستدانن کي آئين جي پاسداري تي ويهي ڳالهائڻ گھرجي.