ممبئي(اسپورٽس نيوز) آءِ پي ايل جي مشهور فرنچائز بابت پنجاب ڪنگز جي نمائندگي ڪندڙ اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر روي بوپارا دلچسپ واقعو شيئر ڪري ڇڏيو، اڳوڻي ڪرڪيٽر هڪ شو دي سپر اوور ۾ انڪشاف ڪيو ته 2009 ۾ آءِ پي ايل جا شروعاتي ڏهاڙا هئا، پنجاب ڪنگز جي مالڪياڻي پريتي زنٽا ٽورنامينٽ دوران مون کي پنهنجي هٿن سان پٽاٽن جا پراٺا ٺاهي کارايا هئا،  ڪنهن به رانديگر هو سوچيو نه ته پريتي ائين پٽاٽن جا پراٺا ٺاهي کارائيندي، هن جو اهو احسان ڪڏهن به وساري نه سگهندس، هو تمام گهڻو خيال رکندي هئي.