ڪڙيو گهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور لڳ جاڙڪي شاخ وٽ ٽريڪٽر ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر جي نتيجي ۾ 25 سالن ۾ نوجوان امداد چانگ ٽريڪٽر هيٺان اچي چيڀاٽي فوت ٿي ويو. جڏهن ته ٽريڪٽر ڊرائيور واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو، واقعي بعد نوجوان جي وارثن ڌرڻو هڻي ماتلي روڊ بند ڪري ڇڏيو.