ملير (رپورٽر) ميمڻ ڳوٺ ويجهو قبرستان مان 40 ورهين جي عورت جو 20 ڏينهن پراڻو لاش هٿ آيو، لاش سڃاڻپ نه ٿي سگهي. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي بعد پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو. ايس ايچ او ميمڻ ڳوٺ خالد عباسي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته لاش 15 کان 20 ڏينهن پراڻو آهي. ڳريل حالت هجڻ سبب لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.