قاضي احمد ( ن پ ا) عدالتي حڪمن بعد قاضي احمد تعلقي ۾ سنڌو درياءُ جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي جي سرڪاري ٻيلي وڏي ڪنداهه جي سوين ايراضي ايڪڙ زمين تي وڏي عرصي کان ٿيل مبينا قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ ٻيلي کاتي نواب شاهه ۽ دادو جي ڪامورن پاران گڏيل طور ڪاروائي ڪئي وئي. دادو جي ڊي ايف او رضوان ميمڻ ۽ شھيد بينظيرآباد جي ڊي ايف او واجد سولنگي پوليس جي مدد سان گڏيل ڪاروائي ڪندي 9 هزار ايڪڙ تي مشتمل وڏي ڪنداهه ٻيلي جي زمين تي بااثر ڌرين پاران ڪيل مبينا قبضي خلاف ڪاروائي ڪندي زمين تي اڏيل اڏواتون، مال جا وٿاڻ ڊاهي پٽ ڪري ڇپرن کي باهيون ڏئي ساڙي رک ڪري ڇڏيو. جڏھن ته اتي رکيل ڀاڻ، ڪلر، چوپايو مال سميت ٻيو سامان ضبط ڪيو ويو. ڪاروائي دوران ٽريڪٽرن جي مدد سان قبضيدار ڌرين پاران قائم ڪيل گهر، اوطاقون ڊاهي پٽ ڪيا ويا. ان دوران پوليس کي ڏسندي ئي قبضيدار ڌريون فرار ٿي ويون. هوڏانهن ٻيلي کاتي جي ڪامورن دعوا ڪئي آھي ته نواب شاهه ۽ دادو ضلعن اندر وڏي انگ ۾ زمين آزاد ڪرائي ٻيهر ٻيلا آباد ڪيا آھن جڏهن ته ٻيلي کاتي پاران ڪاروائي دوران اتي موجود مقامي رهواسين جو چوڻ ھو ته بااثر وڏيرن جي قبضن کي ختم نه پيو ڪرايو وڃي پر هارين جا ڇپرا ڊاٺا پيا وڃن.