هالا(ن پ ا) ھالا لڳ مهراڻ موري لڳ رهندڙ ڀيل برادري جي ٻن ڌرين ۾ بجلي جي تار ڪٽڻ تان ٿيل جهيڙي ۾ ٻنهي ڌرين پاران هڪٻئي تي لٺين، سرن جي وسڪاري جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا چار همراه زخمي ٿي پيا، جن ۾ چيتن، گولو، وسند ۽ جاتيو شامل آهن، جن کي هالا پوليس علاج لاءِ تعلقي اسپتال هالا پهچايو ويو، جڏهن ته ٻئي طرف جهيڙو ڪندڙ ٻنهي هالا ٿاڻي تي هڪ ٻئي خلاف حملي جي رپورٽر داخل ڪرائي ڇڏي آهي، هالا پوليس ٻنهي ڌرين جي هڪ هڪ همراه ي لاڪپ ڪندي ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو آهي.